اسلام آباد (م،ڊ) سپريم ڪورٽ 16 ھزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي خلاف داخل اپيلن تي گذريل ڏينھن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو سپريم ڪورٽ 16 ھزار...
اسلام آباد (م،ڊ)
سپريم ڪورٽ 16 ھزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي خلاف داخل اپيلن تي گذريل ڏينھن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو سپريم ڪورٽ 16 ھزار ملازمن جي برطرفي خلاف نظرثاني اپيلون خارج ڪندي ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي سپريم ڪورٽ پنج رڪني بينچ چار ھڪ جي تناسب سان داخل اپيلون خارج ڪيون، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاھ اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو سپريم ڪورٽ جي جج عمر عطا بنديال فيصلو پڙھي ٻڌايو عدالت جو چوڻ ھو تھ سرڪاري ملازمن جي برطرفي خلاف نظرثاني اپيلون خارج ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو فيصلي ۾ 1996 کان 1999 تائين برطرف ٿيل سرڪاري ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي جڏھن ته مس ڪنڊڪٽ ۽ ڪرپشن تي ڪڍيل ملازم بحال نه ٿيندا ملازمن کي ان ئي تاريخ تان بحال ڪيو ويو آھي جڏھن کان انھن کي ڪڍيو ويو ھو فيصلي بعد سپريم ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي سرڪاري ملازمن جي وڪيل عدلتي فيصلي کي ھڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو تھ معزز عدالت سرڪاري ملزمن کي ان ئي تاريخ تان بحال ڪرڻ جو چيو آھي، جنھن تان انھن کي برطرف ڪيو ويو ھوهن چيو ته عدالت 16 ھزار ملازمن کي بحال ڪري ھڪ وڏو انساني الميو ٿيڻ کان بچايو آھي ھي انھن سڀني ماڻھن جي ڪاميابي آھي جن ھن ڏکي وقت ۾ صبر ۽ ھمت کان ڪم ورتو
COMMENTS